اسلام ??باد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اس??ن اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ ادارن جي آزاداڻي طور تي پنهنجو ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي قبول ڪريون ٿا ??ر ان سان اتفاق نٿا ڪريون، فيصلي جي خلاف اپيل ۾ وڃڻ اس??ن جو قانوني حق آهي ۽ اس??ن پنهنجو اهو ئي حق اس??عمال ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هڪ رياستي ادارو آهي، اس??ن ادارن جو احترام ڪريون ٿا، اليڪشن ڪميشن ڪو به فيصلو ڏئي سگهي ٿو، ??ر اهو ضروري ناهي ته اس??ن ان فيصلي سان اتفاق ڪريون، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جڏهن به اليڪشن هارائيندي آهي ڌانڌلي جو شور مچائيندي آهي، (ن) ليگ جو سدائين اهو رويو رهيو آهي ته جيڪا شيءَ انهن جي حق ۾ هجي ان کي سٺو ۽ جيڪا شيءَ انهن جي خلاف هجي ان کي اهي قبول ناهن ڪندا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري ??هي آهي، پهرين مسلم ليگ (ن) پاران درخواست ڏني وئي ته جن 23 پولنگ اسٽيشنن جا پرزائيڊنگ آفيسر دير سان ريٽرننگ آفيسر وٽ پهتا انهن تي ٻيهر پولنگ ٿيڻ گهرجي ۽ جڏهن حڪومت انهن جو اهو مطا??بو تسليم ڪري ورتو ته هنن پنهنجو بيان تبديل ڪري ڇڏيو ۽ پوري ??ڪ ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو مطا??بو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف آزاداڻي ۽ شفاف طريقي سان ضمني چونڊون ڪرايون.
پي ٽي آءِ ادارن جي آزاداڻي ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو قبول پر ان سان اتفاق نٿا ڪريون: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم