اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالم سڳورا گذريل 14 سئو سالن کان وڌيڪ عرصي کان خدا ۽ ان جي رسول ﷺ جو پيغام عوام تائين پهچائي رهيا آهن، اسلام جي بقا منبر ۽ محراب سان ڳنڍيل آهي، اهم سماجي ۽ معاشرتي مسئلن ۽ موضوعن تي عوام جي رهنمائي عالم سڳورن جو فرض آهي، عالم سڳورا، ميڊيا، سول سوسائٽي، حڪومت ۽ خاص طور تي اين سي ??و سي ??ي جامع پاليسي ??ي نتيجي ۾ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪووڊ – 19 جو بهتر مقابلو ڪيو آهي، ڪور??نا وائرس جهڙي وبا جي روڪٿام جي حوالي سان قرآني تعليم کان عوام جي آگاهي عالمن جو فرض آهي. منبر ۽ محراب تان بهترين ڳالهين جي تلقين جي ضرورت آهي، ڪور??نا ويڪسين جي تياري ۽ ان ۾ شامل جزن جي باري ۾ عالم سڳورا مطئمن آهن، هن پاڻ به ويڪسين لڳرائي آهي ۽ 4 جون 2021ع جي جمعي جي خطبن ۾ ڪور??نا وائرس جي وبا کان تحفظ لاءِ ويڪسين جي اه??يت ۽ ضرورت جي باري ۾ عوام کي آگاهي فراهم ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي عالم سڳورن جي ويڊيو لنڪ جي ذريعي منعقد اجلاس ۾ ڪور??نا ويڪسين جي اه??يت ۽ ان جي باري ۾ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان محراب ۽ منبر جي ڪردار جي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي.
اسلام جي بقا منبر ۽ محراب سان ڳنڍيل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa