اسلام آباد ??? 08 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوڙين خبرن جي وڌندڙ لعنت جي حوصلا شڪني تي زور ڏنو آهي، ڇاڪاڻ جو اها معاشري ۾ انتشار ۽ ماڻهن جي لا??ِ پريشاني جو سبب بڻ??ندي آهي، هن چيو ته ميڊيا اخلاقي قدرن جي فروغ ۽ غل?? معلومات جي پکيڙ کي روڪڻ لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پيمرا معلومات جي آزاداڻي فراهمي يقيني بڻ??ئي معلومات، تعليم ۽ تفريح جي معيار کي بهتر بڻ??ئي اهڙن خيالن جو اظهار پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات دوران پيمرا جي چيئرمين صدر کي پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آزاداڻي فروغ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي اداري جي سالياني رپورٽ 20 -2019ع پيش ڪئي، هن ملڪ ۾ سچي ۽ صحي?? معلومات جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کي به اجاگر ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته معاشري کي ڪوڙين خبرن جو چئلينج درپيش آهي ۽ اها لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جي ذميداري آهي ته هو ڪوڙين خبرن جي پکيڙ کان پاسو ڪري، ڇاڪاڻ جو ان سان ماڻهن کي مسئلن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.
صدر پاران ڪوڙين خبرن جي حوصلا شڪني تي زور
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون