اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀ??رو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ جو وسيع پروگرام کڻي آئي آهي، نئون پاڪستان صحت ڪارڊ دنيا جو منفرد هيلٿ انشورنس پروگرام آهي جنهن جي پوري دنيا ۾ مثال نٿو ملي، ??وامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خا?? جي سربراهي ۾ پنجاب ۾ جاري عوامي ڀلائي، ??ماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي ۽ بنيادي صحت جي منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس کي هيلٿ ڪارڊ ۽ احساس راشن رعايت پروگرام تي بريفنگ ۾ ٻڌ??يو ويو ته ايندڙ سال جنوري کان مارچ تائين پنجاب جي سمورن گهراڻن کي 10 لک روپين تائين مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، ??ن کانسواءِ اجلاس کي احساس راشن رعايت پروگرام تحت گهٽ آمدني وارن خا??دانن کي فراهم ڪيل سبسڊي تي اڳڀرائي ۽ ان سان غربت جي خاتمي جي متوقع مثبت نتيجن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي پنجاب جي وڏن شهرن ۾ جاري احساس ڪو به بکيو نه سمهي، لنگر خا??ن ۽ پناهگاهن تي به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌ??يو ويو ته منصوبا ڏهاڙيدار ۽ مزدورن لاءِ خاص طور تي سردي جي موسم ۾ رليف جو سبب بڻجي رهيا آهن، اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام، نئون پاڪستان هائوسنگ ۽ اسپورٽس ڊرائيو تي به بريفنگ ڏني وئي، ??جلاس ۾ پنجاب ۾ بلدياتي اليڪشن جي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم منصوبن تي تسلي جو اظهار ڪندي جاري عوامي ڀلائي جي منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، سينيٽر سيف الله نيازي، قومي اسيمبلي ميمبر عامر محمود ڪياني، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بزدار ۽ پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد شرڪت ڪئي.
حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ جو وسيع پروگرام کڻي آئي آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔