اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ڪشميري ڀ??ئر?? ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، وقت اچي ويو آهي ته ??ني?? ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو نوٽيس وٺي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چ??و ته ڪشمير ۾ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جو اهتمام عالمي برادري جي ذميواري آهي. گڏيل قومن تي لازمي آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خراب حالت ۽ ڀارتي رياست جي ظالماڻي عسڪري قبضي کان آزادي ۽ ڇوٽڪاري جي انهن جي ناقابل اعتراض ۽ انڪار خواهش کي نظرانداز نه ڪري. وزيراعظم چ??و ته وقت اچي ويو آهي ته ??ني?? ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين، جن ۾ نسل ڪشي سميت انسانيت جي خلاف ڏوهن ۽ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي سميت جنگي ڏوهه شامل آهن ۽ جنيوا ڪنيونشن جي واضح خلاف ورزي آهي جو نوٽيس وٺي. وزيراعظم چ??و ته خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستان پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀ??ئر?? سان گڏ بيٺل آهي. مودي جي ڏاڍ ۽ تشدد تي ٻڌل فسطائي پاليسيون به والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي مزاحمت جو روح ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.
پاڪستان خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن