اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان ب??زد??ر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان پڻ شريڪ هئا. ملاقات ۾ پنجاب صوبي جي انتظامي ۽ امن امان جي مجموعي صو??تح??ل سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم کي صوبي جي اندر جاري مختلف ت??قياتي منصوبن جي اڳڀرائي تي پڻ بريفنگ ڏني ??ئي. وزيراعظم صوبي ۾ عام ماڻهو کي فوري ۽ موثر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن عوام جي جان ۽ مال ۽ مفادن جي تحفظ جي لاءِ شرپسندن، ذخيره اندوزن ۽ قبضا مافيا جي خلاف موثر قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis