اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چي?? آهي ته ڀارت جي باري ۾ پاڪستان جي پال??سي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چي?? ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀار?? سان لاڳاپن جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس جي حقيقتن کان هٽي ڪري تشريح ڪئي پئي وڃي ۽ اُن کي غلط طريقي سان پيش ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان ۾ چي?? ويو آهي ته پاڪستان جي ڀارت بابت پال??سي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي جنهن تي قومي اتفاق راءِ آهي، پاڪستان سدائين ڀارت سميت پنهنجي پاڙيسرين سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند رهيو آهي، ترجمان چي?? ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرارن سميت سمورا حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل تعميري ۽ نتيجا خيز ڳالهين جي وڪالت ڪئي آهي، تنهن هوندي به ڀارت پنهنجي دشمني ۽ رجعت پسنداڻي قدمن سان ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ امن ۽ تعاون جي امڪانن کي روڪيو آهي، ڀارت تي اها ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ترجمان چي?? ته پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جو حوالو ڏيندي پاڪستان جو موقف واضح طور تي بيان ڪيو ۽ ڀارتي قدمن کي ڪشميري عوام جي حقن تي حملو قرار ڏنو، پرڏيهي وزير ان سان گڏوگڏ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جو به ذڪر ڪيو جنهن ڀار?? سان بامعنيٰ ڳالهين لاءِ هڪ غير ساز ماحول پيدا ڪيو آهي، پرڏيهي وزير جي ريمارڪس کي تڪرارن جي حل لاءِ ان جي اهم پيغام جي مجموعي تناظر ۾ بهتر طور تي سمجهيو ويندو آهي جنهن تي هن ٿنڪ ٽينڪ جي تقريب ۾ پنهنجي خطاب ۾ زور ڏنو هو.
ڀارت جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável