اسلام آ??اد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 8 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ا??س سانحي کي ناهيون وساري سگهيا، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، معصوم ٻارن تي حملو ڪري انهن کي شهيد ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪير به پنهنجي ڳوڙها روڪي نه ٿو سگهي. اي پي ا??س سانحي جي شهيدن جي اٺين ورسيءَ جي مو??عي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي ا??س سانحي جي شهيدن پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي لا??ِ ??گه?? سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.
8 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ايس سانحي کي ناهيون وساري سگهيا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا