اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان جو موسمياتي تبديلي?? جي سببن ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ا?? جي باوجود هن ٻوڏ جهڙي آفت?? جي تباهي?? جي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، هي هڪ وڏو چئلينج آهي جنهن کي گڏيل ڪوششن ذريعي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي??وس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستا?? جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هن وقت دنيا کي موسمياتي تبديلي?? جي ڪري هڪ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي جڏهن ته پاڪستان ان کان شديد متاثر آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ ۽ ا?? جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته موسمياتي تبديلين جا اثر تمام گهڻا سنگين نوعيت جا آهن. شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ هجڻ جي ڪري 8 ملين ماڻهو اڃا به متاثر آهن، آبادين ۽ ا??فراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو، ٻوڏ کان متاثر آبادي جو ڪاٿو ٽن وچولي سائيز جي يورپي ملڪ?? جي آبادي کان وڌيڪ آهي ڇو ت?? هي صديءَ جي رڪارڊ ٻوڏ هئي. هن چيو ته گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل پاڻ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ جي تباهين جو مشاهدو ڪيو. هن چيو ته اسان گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جا ٿورائتا آهيون جنهن ٻوڏ متاثري?? جي مشڪلاتن کي محسوس ڪندي پاڪستا?? جي لاءِ ??المي مدد ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??نيوا ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪئي. وفاقي وزير چيو ته جنيوا ۾ عالمي برادري پاڪستا?? جي آواز تي ان جو ڀرپور ساٿ ڏنو جنهن تي اسان ان جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي?? جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، 27 ۾ پاڪستا?? جي قائداڻي ڪردار جي ڪري لاس اينڊ ڊي??يج فنڊ جي حوالي سان ڪوششون ڪامياب ٿيون، اسا?? جي قيادت اهو سڀ هڪ اهڙي وقت ۾ ڪيو جڏهن اسا?? جي پنهنجي ملڪ ۾ ڪلائميٽ ايمرجنسي هئي ۽ ا??ا ايمرجنسي جي صورتحال اڃا به آهي. شيري رحمان چيو ته اسا?? جي لاءِ ڳڻتي جومعاملو اهو آهي ته اهڙي صورتحال اڳتي به پيدا ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ ??سان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير سان گڏوگڏ مسومياتي تبديلين سان موافقت پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڪلائميٽ ريزيليئنٽ بڻائڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان اسلسلي ۾ قابل تجديد توانائي جي ذريعن کي فروغ ڏيڻ سميت مختلف قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته ان مقصد جي لاءِ ??المي تعاون سان گڏيل ڪوششون ئي ڪارائتيون ثابت ٿي سگهن ٿيون.
پاڪستان جو موسمياتي تبديلين جي سببن ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات