اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) ٿائيلينڊ ٽيڪسلا ميوزيم کي ٻُڌ جي هڏين جي آثارن لاءِ هڪ جديد ترين ڪنٽينر تحفي ۾ ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اهو ڪنٽينر ٽيڪسلا ميوزيم ۾ هڪ تقريب ۾ حوالي ڪيو ويو. تقريب ۾ ٿائيلينڊ جي سفارتخاني جي سفارتڪارن، پرڏيهي وزارت جي سينيئر عم??دارن ۽ ٽيڪسلا ميوزيم جي ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي. ٿائيلينڊ جي سفير چڪريڊ ڪراچائي وونگ، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ۽ ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??ي ڪنٽينر پيش ڪيو جنهن پاڪستان پاران ان کي وصول ڪيو. مقدس آثار سان گڏ ڪنٽينر ٽيڪسلا ميوزيم ۾ مستقل نمائش جي لاءِ رکيو ويندو. ٽيڪسلا جو قديم شهر ٻڌ مت جي تاريخ ۾ ه?? خاص اهميت رکي ٿو.
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado