لنڊن – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي برطانيا جي دوري جي ??اءِ لنڊن پهچي ويو. لنڊن پهچڻ تي پاڪستان جي برطانيا ۾ هاءِ ڪمشنر ۽ برطانيا جي ??رڏيهي وزير جي خصوصي نمائندي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين جي تاج پوشي رسم ۾ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم دولت مشترڪه جي ??يمبر ملڪن جي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئين پاران تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي ??اءِ آيل ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ٿيندڙ دعوت ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران لنڊن ۾ ميان محمد نواز شريف ??ان ملاقات پڻ ڪندو.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن