اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رب??ني کر 13 مئي کان ٻئي يورپي يونين انڊو پيسفڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ اسٽاڪ هوم سوئيڊن جو سرڪار?? دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رب??ني کر جو اهو دورو يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي واري اعليٰ نمائندي جوزپ بوريل ۽ سوئيڊش ??رڏيهي وز??ر ٽوبياس بلسٽروم جي گڏيل دعوت تي ٿي رهيو آهي. فورم ۾ مملڪتي وز??ر اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي ۽ يورپي يونين سان واپار، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي، آبهوا، ماحوليات ۽ صحت ۽ رابطن ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺندي. حنا رب??ني کر فورم ۾ شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاقات ۽ ٻطرفي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي.
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ