اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪست??ن جي موقف کي اجاگر ڪندي مسلمان امت کي درپيش اسلامو فوبيا جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب نگران وزيراعظم وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا (مينا) خطي جي مسلمان ملڪن جي سفيرن سان مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بحرين، مصر، عراق، اردن، ڪويت، لبنان، ليبيا، مراڪش، عمان، فلسطين، سعودي عرب، شام، گڏيل عرب امارات ۽ يمن جا سفير موجود هئا. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير، نگران وزيراعظم جو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪست??ن جي مسلمان دنيا خاص طور تي مينا خطي جي ملڪن سان ڀائراڻن ل??ڳا??ن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اهي ل??ڳا??ا گڏيل اعتماد، گڏيل افهام تفهيم، ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. نگران وزيراعظم ڪيترن ئي معاملن خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪست??ن جي موقف بابت آگاهه ڪيو. مسلمان دنيا کي درپيش ٻين چئلينجز جهڙوڪ ا??لامو فوبيا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم مسلمان امت کي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم اسلام آباد ۽ انهن جي ل??ڳا??يل گادي وارن شهرن جي وچ ۾ مضبوط ل??ڳا??ا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن ??ي ساراهيو. سفيرن نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان ٻطرفي ل??ڳا??ن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن مسلمان دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
نگران وزيراعظم جي وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا خطي جي مسلمان ملڪن جي سفيرن سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر