اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان تعليم ۽ خواندگي کي ڏورانهن ۽ ڏکئي علائقن تائين پهچائي سگهجي ٿو، تعليمي شعبي ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي است??ما?? سان خرچ گهٽ ٿيندا، انفارميشن ٽيڪنالاجي تعليمي معيار برقرار رکڻ سان گڏ شاگردن جي انگ ۾ اضافوڪري سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪش??ير ايجوڪيشن فائونڊيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 80 لک ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، اسڪول نه ٿي وڃي سگهندڙ ٻارن جي تعليم جي لاءِ هزارين نوان اسڪول گهربل هوندا، ٻارن جي تعليم، خواندگي وڌائڻ جي لاءِ مسجدن کي تعليمي مرڪزن طور است??ما?? ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته خواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي تعليمي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جو است??ما?? وڌائڻو پوندو. وفد صدر کي آزاد ڄمون ۽ڪ ش??ير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ معياري تعليم ۽ خواندگي جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو چيئرمين سيد طفيل حسين بخاري ۽ فائونڊيشن جو چيئرمين مظفر محمد قريشي پڻ شريڪ هئا. وفد ٻڌايو ته فائونڊيشن پنجاب ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ٽي اسڪول ۽ استادن جو تربيتي ڪاليج هلائي رهي آهي، فائونڊيشن جو مقصد تعليم جو فروپغ، نوجوان شهرين جي ڪردار سازي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۽ ڳوٺاڻي پنجاب ۾ تعليم جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.
ٽيڪنالاجي جي مدد سان تعليم ۽ خواندگي کي ڏورانهن ۽ ڏکئي علائقن تائين پهچائي سگهجي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : بونانزا