اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضي سولنگي اوصاف گروپ آف نيوز پيپرز جي چيف ايڊيٽر راجا مهتاب خان جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پ??هن??ي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وز??ر چيو ته راجا مهتاب خان جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری