اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تح?? قدمن کي وقت سر لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي، پاڪستان سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ وڃڻ جو خواهشمند اهي جنهن ۾ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪرڻ شامل آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زيڊونگ وزير??عظ?? هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? صدر شي جن پنگ ۽ وزير??عظ?? لي ڪيانگ جا سندس ٻيهر چونڊجڻ ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد جي پيغامن تي ٿورا مڃيا. هن چيني قيادت جي گرمجوشي جي جذبن جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي تعاون ۽ عزم کي ساراهيو. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سندس حڪومت چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تح?? قدمن کي وقت سر لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي. هن زور ڏنو ته پاڪستان سي پيڪ جي اڳئين مرحلي ۾ وڃڻ جو خواهشمند آهي جنهن ۾ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خصوصي اقتصادي زونز کي فعال ڪرڻ شامل آهي. وزير??عظ?? چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) سندس گذريل حڪومت جي دور ۾ ٺاهي وئي هئي ته جيئن ترجيحي شعبن بشمول زراعت، آءِ ٽي، معدنيات ۽ قابل تجديد توانائي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهجي. هن چيو ته چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ تمام گهڻو منافعو ڏيندڙ موقعا ڳولي سگهن ٿيون. چيني سفير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته چيني قيادت ۽ حڪومت پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ان سلسلي ۾ هن وزير??عظ?? محمد شهباز شريف کي جلد کان جلد چين جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. دعوت قبول ڪندي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته هو اهو دورو گڏيل طور تي مناسب تاريخ تي ڪندو جنهن تي سفارتي ذريعن سان ڪم ڪيو ويندو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، وزير??عظ?? جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري موجود هئا.
حڪومت چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تحت قدمن کي وقت سر لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ