راولپنڊي- 29 فيبروري (اي پي پي) ستين پاڪ فوج جي ٽيم اسپرٽ مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خاص مهمان طور ??رڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ستين پاڪستان آرمي ٽيم اسپرٽ مشق کاريان گيريزن ۾ شاندار تقريب سان پڄاڻي تي پهتي. 60 ڪلاڪ جي ڊگهي مشق جو مقصد ??جربن جي سهڪار ذريعي جنگي مهارتن کي وڌائڻ هو. ان مشق ۾ پاڪ فوج جي 7 ۽ دوست ملڪن جي 15 ٽيمن حصو ورتو. دوست ملڪن ?? بحرين، اردن، قازقستان، سعودي عرب، مالديپ، مراڪش قطر، آمريڪا، ازبڪستان، سريلنڪا، ٿائي لينڊ ۽ ترڪي جي ٽيمن به حصو ورتو. آءِ ايس پي آر موجب مشقن ۾ آذربائيجان، چين، جرمني، انڊونيشيا، سعودي عرب ۽ ميانمار مبصر طور ??رڪت ڪئي. مشق پنجاب جي نيم جابلو علائق?? ۾ 25 کان 27 فيبروري 2024ع تائين منعقد ڪئي وئي، آرمي چيف شريڪ جٿن جي پيشيوراڻي مهارت ۽ بلند حوصلي جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف چيو ته اهڙين مشقن دوران گڏيل طور ??کڻ جو موقعو ملند?? آهي. هي فورم سمورن شرڪت ڪندڙ فوجين جي پيشيوراڻي مهارتن ۽ حڪمت عملي کي مناسب طريقي سان هڪ جاءِ تي گڏ ڪري ٿو، جيڪو جنگ جي بدلجندڙ ڪردار جي سامهون انتهائي ضروري ٽيم اسپرٽ کي هٿي ڏئي ٿو. آخر ۾ مشق جي شرڪت ڪندڙن کي انفرادي ۽ ٽيم طور انعام ڏنا ويا. عالمي مبصرن ۽ شرڪت ڪندڙن ملڪن جا دفاعي اتاشي تقريب ۾ شامل ٿيا ۽ مشق منعقد ڪرائڻ جي واکاڻ ڪئي. ان کان اڳ آرمي چيف جي آمد تي ڪور ڪمانڊر منگلا استقبال ڪيو.
ستين پاڪ فوج جي ٽيم اسپرٽ مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي خاص مهمان طور شرڪت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ