اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران گڏيل مفاد جي مخطتلف شعبن ۾ گڏيل لاڀا??تي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار جي ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ ٻطرفي واپ??ري مڪينزم کي فعال ڪرڻ ۽ خطي کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار صدر آصف علي زرد??ري ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر آصف علي زرد??ري ايراني هم منصب سيد ابراهيم رئيسي جو ايوان صدر اچڻ تي استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اهم علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي خاص طور تي وچ اوڀر جي ص??رتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرد??ري غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني ص??رتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه جي عوام جي خلاف اسرائيل جي فوجي جارحيت جي شديد مذمت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان فلسطيني ڪاز جي مستقل ۽ واضح حمايت ج??ري رکندو. ٻنهي صدرن غزه جي عوام تي اسرائيلي ڏاڍ جي خاتمي، انساني امداد ۾ اضافي جي لاءِ عالمي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرد??ري چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ايران لاڳاپن کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر عام چونڊن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪندڙ پهرين ملڪي سربراهه هجڻ تي ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جا ٿورا مڃيا. هن اصولي موقف ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ۽ انهن جي خودمختي??ري جي حق جي مسلسل حمايت تي ايران کي ساراهيو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ٻطرفو واپار 10 ارب ڊالر جي سط?? تائين وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفا لاڳا وڌيڪ وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي مفاد ۾ اقتصادي، واپ??ري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايران جي صدر غزه ۾ ج??ري انساني بحران جي دوران فلسطيني ڀائرن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. بعد ۾ صدر آصف علي زرد??ري ايراني صدر جي اعزاز ۾ آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو.
پاڪستان ۽ ايران پاران گڏيل مفاد جي مخطتلف شعبن ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ، واپار جي ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ ٻطرفي واپاري مڪينزم کي فعال ڪرڻ ۽ خطي کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات