تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي اوڀر آذربائيجان صوبي ۾ 19 مئي تي افسوسناڪ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ اسلامي جم??ور??ه ايران پهتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ ساڻس گڏ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسلامي جم??ور??ه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت پيش ڪئي. مرحوم صدر رئيسي جي اپريل 2024ع ۾ پاڪستان جي تازي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ساراهه جوڳي ڪردار کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم صدر رئيسي کي هڪ ويزنري اڳواڻ قرار ڏنو جنهن پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ خدمت لاءِ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي گهيري هيٺ آيل عوام جي لاءِ صدر رئيسي جون خدمتون تاريخ ۾ ل??يو?? وينديون. هن علائقائي امن ۽ ڳالهين جي فروغ ۾ مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم قومي سانحي جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جم??ور??ه ايران جي عوام سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسلامي جم??ور??ه ايران جي حڪومت ۽ عوام سان دوستي ۽ ڀائيچاري جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم ??و ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي شهيد صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ ايران پهتو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ