اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) منصوبا بندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري و??اق?? وزير احسن اقبال چيو آهي ته و??اق?? حڪومت سالياني ترقياتي پروگرام پي ايس ڊي پي ۾ منصوبن کي صوبن جي بنياد تي تقسيم ناهي ڪيو ويندو پر انهن جي قومي اهميت کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي، پي ٽي آءِ جي آخري سال ۾ کپت تي ٻَڌل گروٿ ذريعي پاڪستان جي ڪرنسي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخ??رن کي تباهه ڪيو ويو، انهن جي اثرن مان اسان اڃا نه نڪري سگهيا آهيون.. پيرس معاهدي تحت سمورن منصوبن لاءِ گائيڊ لائنز ڏنيون ويون آهن، ماضيءَ ۾ ننڍن ننڍن منصوبن سان ديامير ڀاشا ڊيم، ڪي فور ۽ شاهران جا اهم منصوبا متاثر ٿيا آهن. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن واري وقفي دوران اسد قيصر، شرميلا فاروقي، شهزاده گستاسپ خان ۽ ٻين جي سوالن ت?? احسن اقبال ايوان کي ٻُڌايو ته 18هين ترميم کانپوءِ پي ايس ڊي پي جو ڪردار محدود ٿي ويو آهي، اڪثر معاملا جن جو تعلق علائقائي ۽ مقامي ترقيءَ سان هو، اهي موضوع ۽ معاملا صوبن کي منتقل ٿيا آهن، پهريان صوبي کي 40 ۽ وفاق کي 60 سيڪڙو حصو ملندو هو، هاڻي صوبن کي 58 ۽ وفاق کي 42 سيڪڙو حصو ملندو آهي. ميگا انفراسٽرڪچر منصوبن لاءِ وفاق وٽ فنڊز گهٽ هوندا آهن، 2018ع کان 2022ع جي وچ ۾ پي ايس ڊي پي ۾ مس مئنجمينٽ ڪئي وئي ۽ سياسي بنيادن تي منصوبا شروع ڪيا ويا، جنهن سان 40 سيڪڙو پي ايس ڊي پي صوبائي منصوبن جي نظر ٿي ويو جنهن کانپوءِ ڪي فور، ديامير ڀاشا ڊيم ۽ ٻين وڏن منصوبن لاءِ 60 سيڪڙو پي ايس ڊي پي رهجي وئي آهي. هن چيو ته پي ايس ڊي پي جي صوبن جي بنياد تي ناهي پر آئين جي مطابق تقسيم ٿيندي آهي. و??اق?? حڪومت وٽ پاور، اين ايڇ اي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، پيٽروليم ۽ هائر ايجوڪيشن ۾ و??اق?? پي ايس ڊي پي رهجي وئي آهي. 13ع ۾ اسان صوابي ۾ يونيورسٽيءَ جو بنياد رکيو، اهڙيءَ طرح خيبر يونيورسٽيءَ ۾ ليور ٽرانسپلانٽ جو منصوبو پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيو ويو. اسد قيصر جي سوال تي هن چيو ته 18ع کان 22ع تائين 40 سيڪڙو پي ايس ڊي پي صوبن کي ڏني وئي جنهن سان و??اق?? پي ايس ڊي پي ۾ منصوبن لاءِ مختص ڪيل فنڊ جو ڪاٿو گهٽ ٿي ويو، مخالف ڌر اڳواڻ جي سوال تي هن چيو ته 18ع ۾ جڏهن اسان حڪومت ڇڏي ته ترقياتي بجيٽ هڪ هزار ارب رپيا ڇڏي ويا هئاسين، 6 سالن کانپوءِ هاڻي اهو 1100 ارب رپين تائين پهچي ويو. 13ع کان 18ع تائين رڪارڊ ترقياتي پروگرام ٿيا. پي ٽي آءِ دؤر ۾ پي ايس ڊي پي جو ڪاٿو گهٽ ٿي 700 ارب رهجي ويو هو. پاڪستان جي ترقيءَ جي تباهي جي جيڪڏهن ڪا حڪومت ذميوار آهي ته اهي هي ماڻهو آهن. شرميلا فاروقي ۽ ٻين جي سوال ت?? احسن اقبال ايوان کي ٻُڌايو ته پيرس معاهدي تحت منصوبن لاءِ گائيڊ لائنز ڏنيون ويون آهن. منصوبا بندي وزارت ۾ به سمورن منصوبن ۾ ماحوليات کي پي سي ون ۾ شامل ڪيو ويو آهي. شازيه مري جي سوال تي هن چيو ته قومي اقتصادي ڪ??ئو??سل قومي ادارو آهي، سمورا وڏا وزير ان جا ميمبر آهن، جيڪو ترقياتي بجيٽ منظور ٿيندو آهي اهو نيشنل ڊولپمينٽ آئوٽ لي مطابق منظور ٿيندو آهي. مقامي ترقيءَ بابت معاملا صوبن کي منتقل ٿيا آهن، 60 سيڪڙو وسيلا به صوبن کي منتقل ٿيا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته و??اق?? منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي ۽ـ اهي منصوبا متاثر نه ٿين. ڪ??ئو??سل فيصلو ڪيو آهي ته مستقبل ۾ و??اق?? حڪومت صرف انهن منصوبن کي وٺندي جن لاءِ صوبا 50 سيڪڙو فنڊز ڏيندا. شهزاده محمد گستاسپ خان جي سوال ت?? احسن اقبال چيو ته و??اق?? حڪومت وٽ ترقيءَ جو هڪ مخصوص ۽ محدود اسڪوپ رهجي ويو آهي. پاور، پيٽروليم، اين ايڇ اي ۽ سول ايوي ايشن جهڙا شعبا و??اق?? حڪومت جي دائره ڪار ۾ رهجي ويا آهن. ترجيح اها آهي ته اهڙن منصوبن کي پورو ڪيو وڃي جنهن سان قومي ترقيءَ جو عمل تيز ٿئي. ان کان علاوه قومي ترقيءَ جي اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. هاڻي قومي ترجيحن جي اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني پئي وڃي.
پي ايس ڊي پي جي منصوبن جي قومي اهميت کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ