اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف اڳوڻي خاتون اول ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نو??ز شريف جي گهرواريءَ بيگم ڪلثوم نو??ز جي ڇهين ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت ??يش ڪيو آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڀيڻ ڪلثوم نو??ز جي لاڏاڻي جو ڏک اسان جو پورو خاندان نه ڪڏهن وسريو آ??ي ۽ نه ئي ڪڏهن وساري سگهي ٿو. مادر جمهوريت ڪلثوم نو??ز جي ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ڪلثوم نو??ز بطور گهرواريءَ، ماءُ، ڀيڻ ۽ سياسي قائد، جرئت ۽ بهادري ۽ صبر ۽ استقامت جي نه وسارڻ جوڳي تاريخ لکي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نو??ز شريف جي لاءِ هو هڪ فولادي ڍال هئي. آمريت جي خلاف سان قابل فخر ۽ يادگار تحريڪ سياسي تاريخ جو روشن باب آهي. اسلام، قرآن ۽ نبي اڪرم ﷺسان عقيدت ۽ محبت ڪلثوم نو??ز صاحبه جو سڄي زندگي جو معمول رهيو. هو اوڀرندي جي روايتن ۽ قدرن جو پيڪر هئي، وڏن جو احترام، ننڍن سان شفقت ۽ سدائين دانائيءَ جي ڳالهه ڪرڻ سندس شخصيت جو حصو هو. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندس درجا بلند فرمائي.
وزيراعظم پاران بيگم ڪلثوم نواز کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2