اسلام آباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب جمهوريت جي عا??مي ڏينهن تي جاري پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن سڄي دنيا ۾ جمهوريت جو عا??مي ڏينهن مل??ايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسان انساني معاشري جي بنيادي ۽ اهم قدر طور جمهوريت جي مضبوطي ۽ هٿي وٺرائڻ جو عزم ورجايون ٿا. هن چيو ته اسان جي حڪومت جو آئيني قدرن جي پاسداري، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جو عزم پختو آهي، ان جمهوري قدرن تي عملدرآمد اسان جي قومي طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿو. اچو اڄوڪي ڏينهن اسان اهڙي عا??مي معاشري ج?? قيام جي ڪوشش جاري رکڻ جو عزم ڪريون جيڪو منصفاڻو، برابر ۽ جامع هجي، گڏيل تعاون سان ئي اسان جمهوريت جي بنيادن کي مضبوط ڪري اهو يقيني بڻائي سگهون ٿا ته هي اميد جي ڏيئي سان ??ڏوگڏ ايندڙ نسلن جي ترقي جو پيش خيمه ثابت ٿئي.
حڪومت جو آئيني قدرن جي پاسداري، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جو عزم پختو آهي: وزيراعظم شهباز شريف جو جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي پيغام
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری