اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار ??ياز صادق سان مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ان موقعي تي اسپيڪر وچ اوڀر ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو ته وچ اوڀر ۾ فوري جنگبندي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپ?? کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب ۽ گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط رشتن تي ٻَڌل آهن. ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن چيو ته مصر پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپ?? کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر چيو ته ٻه طرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پا??لي??ماني سفارتڪاري انتهائي اهميت جوڳي آهي. ٻنهي ملڪن جي پا??لي??مينٽ وچ ۾ پا??لي??ماني رابطا ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ مددگار ??ابت ٿيندا. اسپيڪر چيو ته پا??لي??ماني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي ميمبر?? کي هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻڻ جا موقعا فراهم ٿيندا. اسپيڪر پنهنجي مصري هم منصب کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني. مصر جي سفير ??سپيڪر جي ٻطرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ سگهاري ڪرڻ واري تجويز سان اتفاق ڪندي چيو ته پا??لي??ماني رابطن ۾ واڌ ٻطرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري سگهي ٿي.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان مصر جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار