گڏيل قومون-24 مئي (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فو??ي قبضي تحت ڪشميرين جي مايوس ڪندڙ حالت تي روشني وجهندي تڪراري علائقي ڪشمير ۾ ڀارت طرفان جي 20 اجلاس ڪوٺائي صورتحال کي معمول موجب ڏيکارڻ جي ڪوشش جي مذمت ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نما??ند?? منير اڪرم گذريل ڏينهن ڪراس فائر ۾ ڦاٿل ڪشميري عوام جي سلامتي ۽ وقار کي يقيني بڻائڻ ۽ خوراڪ ۽ ضروري خدمتن تائين پهچ بابت مسئلن کي حل ڪرڻ تي ب??ث دوران چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي ج?? منصفاڻو ۽ پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو اهم جز آهي، پاڪستاني نما??ند?? چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فو?? انساني حقن جي وڏي پئماني تي ڀڃڪڙين ۽ انهن جي ملڪيتن ۽ روزگار جي ذريعن تي مسلسل قبضو ڪري ڪشميرين تي محرومي ۽ بک مڙهي رهي آهي. تنهن ڪري اهو ڏسي افسوس ٿئي ٿو ته جي 20 نما??ند?? جي گروپ ۾ اڪثر پاڻ کي ڄمون ڪشمير ۾ صورتحال معمول موجب ڏيکارڻ جي غلط تصور جي پيش ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش ۾ استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏني. ان سلسلي ۾ پاڪستاني نما??ند?? گڏيل قومن جي اقليتي معاملن جي خصوصي نما??ند?? فرينڊ ڊي ورينس جي تازي لفظن جو حوالو ڏنو جنهن فو??ي قبضي واري علائقي ۾ صورتحال کي معمول موجب ڏيکارڻ جي غلط تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش جي خلاف خبردار ڪيو، جنهن جي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. پاڪستاني نما??ند?? يوڪرين جنگ جي اثرن ۽ غذائي تحفظ تي پابندين کي گهٽ ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل جي اسود سمنڊ اناج راهداري قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته ان معاهدي تي ايمانداري ۽ مڪمل طور تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي معاهدن جي اصولن موجب يوڪرين ۾ جنگ جو جلد خاتمو چاهي ٿو.
ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج ڪشميرين تي محرومي ۽ بک مڙهي رهي آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria