ڪويت سٽي -11 جولاءِ (اي پ?? پي)ڪويت قرآن شريف جي هڪ لک نسخن کي سوئيڊش ٻولي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ڪويت جي وز??را??ظم جو اهو فيصلو اسلام جي رواداري ۽ سڀني ماڻهن وچ ۾ اسلامي قدرن ۽ گڏيل بقا کي ڦهلائڻ جي مقصد تحت ڪيو ويو آهي. شيخ احمد نواف الاحمد الصباح ڪي??ر اٿارٽي کي قرآن پاڪ جي طباعت ۽ اشاعت جو ڪم سونپي ڇڏيو ته جيئن انهن نسخن کي سوئيڊن ۾ ورهائي سگهجي. واضح رهي ته 28 جون تي عيدالاضحيٰ جي پ??رين ڏينهن سوئيڊن ۾ هڪ عراقي شهريءَ قرآن ڪريم جي نسخي جي بي حرمتي ڪئي هئي، ان گٿي حرڪت تي سڄي دنيا ۾ مسلمانن ۾ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ ڇانيل آهي ۽ احتجاجي مظاهرا به ڪي?? پيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات