واشنگٽن -02 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن اتحادين کي يقين ڏياريندي چيو آه??، ته يوڪرين لاءِ آمريڪا جي مدد جاري رهندي، وائيٽ هائوس ۾ رمارڪس ڏيندي جوبائيڊن ڪانگريس تي زور ڀريو آه??، ته جلد کان جلد امدادي پئڪيج تي ڳالهايو ويندو، اسان وٽ وڌيڪ وقت ناهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت کي روڪڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. هن چيو ته ڊيمو ڪريٽس ۽ ري پبلڪن جي اڪثريت يوڪرين جي مدد ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿي. واضح رهي ته يورپي يونين ي پاليسي چيف جوزف بوريل يوڪرين جي دوري دوران چيو هو ته يوڪرين جي مدد لاءِ هڪ نئين تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ اميد آه?? ته يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت جاري رهندي. گذريل هفتي ڪيپيٽل هل ۾ آمريڪي نمائندن واري ا??وان جي ميمبرن يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سان ملاقات ڪئي. صدر زيلنسڪي ملاقات دوران چيو ته يوڪرين جنگ کٽي رهيو آه?? جڏهن ته اضافي ا??داد تمام ضروري آه??. ملاقات بعد سينٽر چڪ شومر يوڪرين جي صدر جي حوالي سان چيو هو ته جيڪڏهن کين امداد نه ملي ته هو جنگ هارجي ويندا.
ڪنهن به صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت کي روڪڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي: جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania