دوحه – 06 ڊسمبر (اي پي پي) قطر جي امير تميم بن حماد آل ثاني گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ جنگ بندي لاءِ اسرائيل کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هن گادي واري شهر دوحه ۾ نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي سربراهي اجلاس کي خطاب دوران عالمي برادري ط??فا?? غزه ۾ جاري جنگ کي روڪڻ واري قدمن ۾ ناڪامي کي شرمناڪ قرار ڏنو. قطر جي امير چيو ته اها وڌيڪ شرمناڪ آهي ته عالمي برادري 2 مهينن کان انتهائي سنگين ڏوهن کي جاري رکڻ جي اجازت ڏنل آهي ۽ هڪ منظم ۽ شعوري انداز ۾ معصوم شهرين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻارن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته عارضي جنگ بندي م??تقل بندي جي م??بادل نه ٿي سگهي آهي. قطر جي امير چيو ته اسرائيل غزه تي بمباري دوران سمورا اخلاقي م??يارن کي پامال ڪيو آهي، انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ۽ انتهائي انساني ضرورتن جي فراهمي کي م??طل ڪيو آهي. هن اسرائيل ط??فا?? شهرين کي نشانو بڻائڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته اسرائي?? ج?? پنهنجي دفاع جو حق ڪنهن صورت ان ڳالهه جي اجازت ناهي ته هو فلسطينن جي نسل ڪشي ڪري.
سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي لاءِ اسرائيل کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: امير قطر
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج