غزه – 14 مارچ (اي پي پي) غزه جي ڏکڻ واري علائقي رفح ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري جي غذائي امداد جي فراهمي واري مرڪز تي اسرائيلي فوج جي حملي ۾ عملي جو هڪ ڪارڪن مارجي ۽ 22 ٻيا زخمي ٿي پيا. بي بي سي مطابق يو اين آر ??بليو اي جي سربراهه فلپ لازاريني چيو آهي ته اداري جي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملا معمول بڻجي چڪا آهن هن چيو ته اهي حملا بين الاقوامي انساني قانون جي ڀڃڪڙي آهن. غزه ۾ صحت واري وزا??ت جي اختيارين چيو آهي ته يو اين آر ??بليو اي جي مرڪز تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا. يو اين آر ??بليو اي جي ترجمان جوليٽ ٽوما ٻڌايو ته خيال ڪيو پيو وڃي ته 60 ماڻهو ان مرڪز ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، جيڪو خوراڪ ۽ ٻئي ضروري سامان جي گودام طور پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز