گڏيل قومون – 05 مئي (اي پ?? پي) پاڪستان غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سڄي دنيا لاءِ پرامن، شفاف ۽ جامع معلومات کي هٿي ڏيڻ جي اپيل ڪئ?? آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عامر خان گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ يو ا??ن ڪميٽي آن انفارميشن جي 45 هين سيشن جي پڃاڻي تي متفقه طور تي ٺهراءُ جي منظوري کي ساراهيو. پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ماتحت اداري ڪميٽي آن انفارميشن جي 45 هين اجلاس جي صدارت ڪئ?? ۽ ايئن ٻيون ڀيرو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ماتحت تنظيم ڪميٽي جي قيادت ڪئ?? آهي، جنهن ۾ پاڪستان غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سڄي دنيا لاءِ پرامن، شفاف ۽ جامع معلومات کي هٿي ڏيڻ لاءِ اتحاد جي اپيل ڪئ??. ٺهراءُ جي مسودي ۾ اڄ جي دنيا ۾ معلومات جي اهميت جي توثيق ڪئ?? وئي ۽ قابل اعتماد، صحيع ۽ وقت سر معلومات تائين پهچ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ميمبر ??لڪ?? سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. سيشن ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي پريس ڪونسلر مريم شيخ شرڪت ڪئ??. پاڪستاني نمائندي سمورن ميمبر رياستن تي زور ڏنو ته ٺهراءُ جي شقن تي عمل لاءِ قدم کنيا وڃن.
پاڪستان جي عالمي برادري کي غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ شفاف ۽ جامع معلومات کي هٿي ڏيڻ لاءِ اتحاد جي اپيل
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena