والاريل بيت المقدس-08 ڊسمبر (اي پي پي) فلسطين آرٽيڪل 99 جي حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل انتونيو گوتريش جي قدمن جي آجيان ڪندي ان کي غزه جنگ جي خاتمي لاءِ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو. العربيه اردو موجب فلسطيني پرڏيهي وزارت گڏيل قومن جي خلاف اسرائيل طرفان ڪيل سياسي دهش??گر??ي جي مذمت ڪئي ۽ سلامتي ڪائونسل سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل باضابطه طور تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري. 2017ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل جي طور تي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ڪيو آهي، هي آرٽيڪل گڏيل قومن جي اڳ??اڻ کي ڪنهن به اهڙي مسئلي ??ي سلامتي ڪائونسل ۾ موڪلڻ جي اجازت ڏي ٿو جنهن سان ان جي خيال ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو هجي. ٻئي پاسي يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي اهلڪار جوزپ بوريل به ان معاملي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽر?? جنرل جي حمايت ڪئي آهي.
غزه ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قدمن جي آجيان ڪريون ٿا: فلسطيني پرڏيهي وزارت
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II