رياض – 11 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاه?? سلمان ??ن عبدالعزيز چيو آهي، ته اسان لاءِ تڪليف جو سبب آهي جو رمضان ??لمبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ به اسان ??ا فلسطيني ڀائر اسرائيلي جارحيت کي منهن ڏئي رهيا آهن. شاه?? سلمان ??مضان ??لمبارڪ جي ڀلاري مهيني جي آمد تي مملڪت جي شهري ۽ سمورن مسلمانن کي مبارڪون ڏنيون. پنهنجي پيغام ۾هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي وحشياڻي ڏوهه کي روڪڻ، محفوظ انساني ۽امدادي راهداريون کولڻ جون ذميواريون ادا ڪري، ان مملڪت جي حدن جي حفاظت ڪندڙ عسڪري، سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن ۽ وطن جي خدمتن ۾ مصروف مختلف کاتن سان ??علق رکندڙ سمورن سرڪاري ملازمن کي به ڀلاري مهيني جون خاص مبارڪون ڏنيون. شاه?? سلمان چيو ته اسان ??لله پاڪ جو شڪر ادا ڪيون ٿا جنهن هن ملڪ کي اسلام جو سرچشمو بڻايو، جتان ??سلام جو پيغام سڄي دنيا ۾ پکڙيو ۽ اسان کي الحرمين الشريفين ۽ ان ??ي زائرين جي خدمت جو م??قعو ڏنو. پيغام جي آخر ۾ مملڪت جي امن ۽ خوشحالي ۽ روزيدارن جا روزا قبول ٿيڻ جي دعا ڪئي.
رمضان المبارڪ ۾ فلسطيني ڀائرن کي اسرائيلي جارحيت جو منهن ڏسڻو پيو، عالمي برادري امن لاءِ ڪردار ادا ڪري: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی