واشنگٽن-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي ام??دو??ر ڊونلڊ ??رمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نائب صدر ڪملا هيرس وچ ۾ پهرين مب??حثي ۾ معيشت، اميگريشن ۽ اڳوڻي صدر کي درپيش قانوني مونجهارن تي زبردست بحث ٿيو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا ۾ ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي ام??دو??ر ڊونلڊ ??رمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ ام??دو??ر ڪملا هيرس ۾ رياست پنسلوانيا ۾ پهريون صدارتي مب??حثو ٿيو جيڪو 90 منٽن تائين جاري رهيو. ڪملا هيرس سخت تنقيد جو سلسلو جاري رکيو، جنهن ڊونلڊ ??رمپ کي پريشاني جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ ظاهر ۾ مشتعل نظر ايندڙ اڳوڻو صدر ڊونلڊ ??رمپ جواب ۾ پنهنجي مخالف خلاف ڪوڙ تي ٻڌل بيان ڏنا. ڊونلڊ ??رمپ چيو ته سندس ريليون سڀ کان وڏيون ۽ سياست جي تاريخ جون سڀ کان غير معمولي ريليون آهن، ان موقعي تي ڪملا هيرس پنهنجي ڳالهه اهو چوندي شروع ڪئي ته ان کي چوندا آهن ته انتها. ڪملا هيرس هڪ پورن اسٽار کي پئسا ڏيڻ سميت ٻين ڪيسن تي ڊونلڊ ??رمپ کي تنقيد جو نشانو بڻايو، ڊونلڊ ??رمپ ڪنهن به ڏوهه جو مرتڪب ٿيڻ جي ترديد ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪملا هيرس ۽ ڊيموڪريٽس تي الزام لاڳو ڪيو ته هن ثبوتن کانسواءِ انهن خلاف سمورا ڪيس ٺاهيا، صدارتي ام??دو??رن وچ ۾ بحث جي شروعات معيشت بابت سوال تي ٿي ۽ اهو هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن جي حوالي سان پولز ٽرمپ جي حق ۾ آهن. ڪملا هيرس ڊونلڊ ??رمپ جي پرڏيهي شين تي وڌ کان وڌ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ارادي تي تنقيد ڪندي چيو ته ٽرمپ اسان جي لاءِ بدترين بيروزگاري ڇڏي. ڊونلڊ ??رمپ، بائيڊن انتظاميه جي مدي دوران ناڻي واڌ ۾ مسلسل اضافي تي ڪملا هيرس کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ان دوران هو مهانگائي جي شرح کي وڌائي پيش ڪندو رهيو. هن پنهنجي سر اميگريشن جي حوالي سان ڳالهائيندي بنا ثبوت جي هڪ دفعو ٻيهر دعو??ٰ ڪئي ته پرڏيهي ميسڪسيڪو سان گڏ آمريڪي ڏاکڻي سرحد پار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته مهانگائي ماڻهن لاءِ، وچولي طبقي لاءِ، هر طبقي لاءِ تباهي بڻيل آهي. ڊونلڊ ??رمپ ڪوڙي دعو??ٰ ڪئي ته ڪملا هيرس ۽ ڊيموڪريٽس ٻارن جي قتل جي حمايت ڪن ٿا، جنهن تي ڪملا هيرس چيو ته جي??ن ته مون چيو هو ته اوهان کي ڪوڙ تي ڪوڙ ٻڌڻ لاءِ ملندا، صدارتي ام??دو??رن غزه جنگ ۽ يوڪرين تي روسي حملي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جي??وڻيڪ ٻنهي مان ڪنهن به واضح نه ڪيو ته اهو تڪرار ختم ڪرڻ جي ڪيئن ڪوشش ڪندا. ڪملا هيرس ٽرمپ تي الزام لڳايو ته هو روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي حمايت لاءِ يوڪرين لاءِ آمريڪي حمايت ختم ڪرڻ چاهي ٿو جڏهن ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ??رمپ دعو??ٰ ڪئي ته ڪملا هيرس اسرائيل سان نفرت ڪري ٿي تنهن هوندي به ڪملا هيرس ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
صدارتي مباحثو: ڪملا هيرس ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جا هڪٻئي تي الزام
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت