واشنگٽن-13 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ فاڪس نيوز جي ميزبان ۽ اڳوڻي فوجي ??فيسر پيٽ ھيگسته کي دفاع جو وزير نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ڊونلڊ ٽرمپ بيان ۾ چيو آھي ته پيٽ ھيگسته کي اھم ذميواري ڏيڻ آمريڪا جي ??شمنن کي اهو پيغام ڏيڻ آھي ته اسان جي فوج ھڪ ڀيرو ٻيھر عظيم ٿيندي ۽ اسان جو ملڪ پوئتي نه ھٽندو. پيٽ ھيگسته بھادر ۽ محب وطن چيمپئن ثابت ٿيندو جيڪو اسان جي ??اقت ذريعي امن پاليسي تي ڪم ڪندو. نئين چونڊيل صدر اعلان ڪيو ته ھو نيشنل انٽيليجنس جي ??ڳوڻي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف کي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي ??ربراھي لاءِ نامزد ڪري رھيو آهي، آرڪنساس جي ??ڳوڻي گورنر مائيڪ ھڪابي کي اسرائيل ۾ سفير ۽ پنھنجي پراڻي دوست سٽيون وٽ ڪوف کي وچ اڀر لاءِ خصوصي نمائندو چونڊيو آهي. اعلان دوران ٽرمپ پنھنجي پھرين انتظاميا ج?? ڪيبينيٽ سيڪريٽري بل ميڪ گينلي کي به وائيٽ ھائوس جي وڪيل طور نامزد ڪيو. نئين چونڊيل صدر چونڊ مھم ۾ حصو وٺندڙ سندس دوست ايلون مسڪ ۽ ريپبلڪن پارٽي جي وويڪ رام??وا??ي کي به حڪومت جي ٻاھرين ڪارڪردگي تي نظر رکڻ جا عھدا ڏنا. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايلون مسڪ ۽ ريپبلڪن پارٽي اندر اڳوڻي صدارتي اميدوار رھڻ وارو وويڪ رام??وا??ي ھڪ نئين حڪومتي کاتي جي ڪارڪردگي جي قيادت ڪندا. ٽرمپ چيو ته ايلون مسڪ ۽ رام??وا??ي وائيٽ ھائوس کي مشورا ڏيڻ ۽ رھنمائي فراھم ڪرڻ لاءِ حڪومت کان ٻاھر ڪم ڪندا. ھن چيو ته نظام ۾ وڏي پيماني تي تعميراتي ڌانچي جي ??ڌارن کي اڳتي وڌائڻ ۾ حڪومتي آفيس مينيجمينٽ اينڊ بجيٽ سان گڏجي ڪم ڪندا ۽ حڪومت جا ڪم ڪرڻ لاءِ اھڙا قدم کنيا ويندا جيڪي اڳ ڪڏهن نه کنيا ويا آھن.ياد رھي ته پيٽ ھيگسته فوج جي ??روس دوران عراق ۽ افغانستان ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪو آھي، ھو فاڪس نيوز جي ملازمت کان اڳ منيسوٽا رياست مان 2012ع ۾ سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي کان پوءِ پارليامينٽ جو ميمبر پڻ رھي چڪو آھي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران فاڪس نيوز جي ميزبان ۽ اڳوڻي فوجي آفيسر پيٽ ھيگسته کي دفاع جو وزير نامزد ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی