واشنگٽن- 21 نومبر (ا ي پي پي) آمريڪي سينيٽ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو آهي. اهو بل غ??ه ۾ فلسطينين کي درپيش انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي سبب متعارف ڪرايو ويو هو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گذريل ڏينهن سينيٽر برني سينڊرز طرفان 3 ٺ??را??ُ پيش ڪيا ويا. پهرين ٺ??را??ُ ۾ اسرائيل کي امريڪا طرفان ٽينڪن جي گولن جي فراهمي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو جنهن جي مخالفت ۾ 79 ۽ حمايت ۾ رڳو 18 ووٽ پيا. ٻين ٺ??را??ُ ۾ اسرائيل کي مارٽر گولن جي فراهمي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. ان ٺ??را??ُ جي مخالفت ۾ 78 ۽ حمايت ۾ 19 ووٽ پيا. جوائنٽ ڊائريڪٽ اٽيڪ ميونيشن (جي ڊي اي ايمز) يعني عام بمن کي سڌي ريت حملو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ گولا بارود ۾ تبديل ڪندڙ ڪٽس جي اسرائيل کي فراهمي روڪڻ جي ٺ??را??ُ جي مخالفت ۾ 80 ۽ حمايت ۾ 17 ووٽ پيا. اهڙي طرح اهو ٺ??را??ُ به منظور نه ٿي سگهيو. انهن ٺ??را??ن جي حق ۾ سمورا ووٽ ڊيموڪريٽڪ ڪاڪس طرفان آيا. سينيٽر برني سينڊر چيو ته اسرائيل کي فوجي امداد جي فراهمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي هٿيارن جي وڪري تي پابندي جي آمريڪي قانون جي ڀڃڪڙي آهي. هن ووٽنگ کان اڳ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو هو ته اسان سمجهون ٿا ته آمريڪا جي حڪومت کي پهرين ترجيع طور ان قانون جي پابندي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻئين نمبر تي اخلاقي نظريي کان به اها ڳالهه حيرت انگيز آهي ته اسرائيل کي هٿيار ۽ گولا بارود فراهم ڪري آمريڪا غ??ه ۾ هزارين ٻارن جي بک ۽ غذائي کوٽ ۾ ملوث آهي. واضع رهي ته غ??ه ۾ اسرائيلي جارحيت سبب 23 لک ماڻهن کان وڌيڪ جي آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي ۽ اهي جنگ سٽيل علائقا ڏڪار جي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهن. غزه جي صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل جارحيت جي نتيجي ۾ غ??ه ۾ گذريل آڪٽوبر کان هيل تائين 43 هزار 922 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
آمريڪي سينيٽ ۾ اسرائيل کي هٿيارن جو وڪرو روڪڻ جو بل وڏي اڪثريت سان رد
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania