گڏيل قومون -05 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن فلسطين جي علائقي جنين ۾ اسرائيل جي فوج جي 2 ڏينهن کان جاري پرتشدد ڪارروائين تي جم??ي ڏينهن هنگامي اجلاس طلب ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق سفارتڪارن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جم??ي تي هڪ بند ڪمري جو اجلاس ڪندي جنهن ۾ وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ واقعن تي غور ڪرڻ سان گڏوگڏ اسرائيل طر??ان اولهه ڪناري ۾ ڪيل سڀ کان وڏي فوجي ڪارروائي جي نتيجن ۽ اثرن تي غور ويچار ڪيو ويندو. هن چيو ته گڏيل عرب امارات فلسطين ۾ پريشان ڪندڙ صورتحال جي روشني ۾ اجلاس منعقد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. انساني حقن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ وال??ري?? اولهه ڪناري ۾ وڌندڙ پرتشدد واقعن جي مذمت ڪندي ز??ر ڀريو ته قتل عام کي روڪڻ گهرجي. هن چيو ته وال??ري?? اولهه ڪناري ۾ تازي آپريشن ۽ تشدد رڳو وڌيڪ تشدد کي جنم ڏئي ٿو. هن چيو ته قتل، جسماني تشدد ۽ ملڪيتن جي تباهي کي روڪڻ گهرجي. گڏيل قومن جي عهديدار چيو ته جنين آپريشن ۾ ملڪيتن جي تباهي انساني حقن جي عالمي اصولن ۽ معيارن جي پاسداري بابت سنگين سوال اٿاري ٿي. هن چيو ته هوائي حملا قانون لاڳو ڪندڙ آپريشنز ک?? انجام ڏيڻ جي قانون سان هڪجهڙائي نٿا رکن.
گڏيل قومن طرفان جنين ۾ اسرائيل جي فورسز جي 2 ڏينهن کان جاري پرتشدد ڪارروائين تي جمعي تي هنگامي اجلاس طلب
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن