نيويارڪ _ 6 جون (اي پي پي ) پاڪستان ، ت??ڪي?? ۽ انڊونيشيا وڌندڙ اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو آه??. مسلمانن سان نفرت جي وڌندڙ لهر تي پاڪستان، ت??ڪي?? ۽ انڊونيشيا جي سينيئر سفارتڪارن اسلاموفوبيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومتن جي گڏيل عزم جو ورجاءِ ڪندي امن ، رواداري ۽ بين المذهب مڪالمي جي به وڪالت ڪئي . هو نيو يارڪ ۾ ترڪي جي قونصليٽ جنرل ۾ ٽنهي اسلامي ملڪن جي قونصل جنرلز جي گڏيل ميزباني ۾ منعقد تقريب سان خطاب ڪري رهيا هئا . پاڪستان جي قونصل جنرل عامر احمد اتوزائي پنهنجي خطاب ۾ اسلام جي بنيادي اصولن ، شائستگي، صبر، همدردي ۽ برد??شت تي زور ڏنو . هن انتها پسندن جي هڪ اقليت طرفان اسلام جي غلط تشريح ۽ 11/9 جي واقعي بعد اسلاموفوبيا جي ڳڻتي جوڳي اضافي کي اجاگر ڪيو . جنهن ۾ مسلمانن خلاف نفرت انگيز تقريرون، تشدد ۽ ادارن پاران نا مناسب سلوڪ شامل آه?? . پاڪستاني سفارتڪار اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدمن بابت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قراردادن جي تازي منظوري ۾ ت??ڪي?? ۽ انڊونيشيا سان پاڪستان جي فعال ڪردار تي به زور ڀريو، جنهن ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي جي مقرري جو مطالبو پڻ شامل آه??. پاڪستاني قونصل جنرل غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي جي قدمن کي عالمي اسلامو فوبيا جي هڪ واضح عڪاسي قرار ڏيندي مذمت ڪئي جنهن سڄي دنيا ۾ مروج اسلامو فوبڪ واقعن تي روشني وڌي جنهن ۾ نفرت انگيز تقريرون، ٽارگيٽ حملن ۽ مسلمانن جي خلاف اڻبرابري جو سلوڪ شامل آه??. هن ڀارت ۾ مذهبي هنڌن جي منظم تباهي ۽ ان ملڪ اندر ٻين اسلامو فوبڪ ڪاررواين ڏ??نه?? ڌيان ڇڪرايو. ان کانسواءِ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت قابض فوج جي وڏي انگ ۾ موجودگي سان گڏوگڏ اڻبرابري وارين پاليسين طرف به اشارو ڪيو جنهن جو مقصد آبادياتي انجنيئرنگ ذريعي خطي جي آبادي جي بيهڪ کي مسلم اڪثريت کان هندو اڪثريت ۾ تبديل ڪرڻ آه??. ان موقعي تي ت??ڪي?? جي پروفيسر ڊاڪٽر اينيس بيرڪلي ۽ انڊونيشيا جي ڊاڪٽر امام شمس علي به اسلامو فوبيا ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عملن جو جائزو ورتو ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تجويز ڪئي. مقررن اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار سان گڏوگڏ ڪميونٽي شموليت جي اهم ڪردار تي زور ڀريو.
پاڪستان ، ترڪيه ۽ انڊونيشيا پاران وڌندڙ اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ متحد ٿيڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل