بيجنگ-19 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي اتر اولهه صوبي گانسو ۽ چنگ هاءِ ۾ چين ۾ 6.2 جي شدت جي زلزلي سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا آهن. چين جي خابرو اداري ٻُڌايو آهي ته زلزلي سبب گانسو صوبي ۾ فوتين جو انگ 105 ۽ چنگهائي ۾ 11 جڏهن ته زخمين جو مجموعي انگ 199 آهي. زلزلي سبب هزارين گهرن ۽ ٻين عمارتن کي نقصان پهتو آهي. ان کان علاوه زلزلي سبب مواصلات، بجلي ـ۽ پاڻيءَ جي فراهمي پڻ متاثر ٿي آهي. چين جي زلزلي ماپيندڙ اداري مطابق زلزلو گذريل رات 11 لڳي 59 منٽن تي آيو. زلزلي جو مرڪز چين جو گانسو ۽ چنگهائي صوبن جي سرحد ويجهو زمين جي سطح کان 10 ڪلوميٽرن جي اونهائيءَ ۾ هو. زلزلي سبب حيشان ۾ 6381 گهرن کي نقصان پهتو. صوبائي ايمرجنسي مئنجمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ت??جمان ٻُڌايو ته صبح 8 وڳي ت??ئين 32 آفٽر شاڪس رڪار?? ڪيا ويا، جن مان وڌيڪ شدت 4 رڪار?? ڪيئ وئي. زلزلي بعد امدادي عملو تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي مرمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. چين جي صدر شي جن پنگ زلزلي متاثر علائقن ۾ فوري ?? اثرائتي امدادي ڪاررواين جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
چين ۾ 6.2 جي شدت جو زلزلو، فوتين جو انگ 116 ٿي ويو، جڏهن ته زخمين جو انگ 199، هزارين گهرن کي نقصان، امدادي ڪارروايون جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو