واشنگٽن-10 جنوري(اي پي پي)دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ جرمني جي کاٻي ڌر جي پارٽي الٽرنيٽيو فار جرمني (اي ايف ڊي) لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اعلان ڪ??و آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هڪ ڀيرو ٻيهر يورپي سياست ۾ مداخلت ڪندي ايڪس تي لائيو اسٽريم دوران ايلون مسڪ اي ايف ڊي جي اڳواڻ ايليسا وائڊل جي حمايت ڪئي آهي. ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي سربراهه ۽ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اتحادي ايليسا وائڊل سان ڳالهين دوران چيو ته صرف اي ايف ڊي جرمني کي بچائي سگهي ٿي. هن چيو ته ماڻهن کي اهڙي سياسي پارٽي جي حمايت ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ جرمني ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون. ايلون مسڪ گذريل سال ڊونلڊ ٽرمپ کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجي اثر رسوخ ۽ دولت جو استعمال ڪيو هو ۽ هاڻي 23 فيبروري تي ??رمني ۾ وقت کان اڳ ٿيندڙ چونڊن ۾ اي ايف ڊي لاءِ آواز اٿاري ره??و آهي. واض?? رهي ته هن ايلسيا وائڊل کي مشهور شخصيت قرار ڏيندي جرمن ووٽرز کي تجويز ڏني ته اي ايف ڊي کي ووٽ ڏين. اي ايف ڊي 2013 ۾ قائم ٿي هئي ۽ اڳوڻي ڪميونسٽ ??وڀ?? جرمني جي مشهور سياسي پارٽي هئي.چونڊن کان اڳ ان پارٽي کي اٽڪل 20 سيڪڙو جي سرسي حاصل آهي جڏهن ته ٻين سياسي پارٽين ان کي اتحادي پارٽنر طور رد ڪري ڇڏ??و آهي. جرمني جي گهرو انٽيليجنس سروس،اي ايف ڊي کي کاٻي ڌر جي انتها پسند تنظيم سمجهي ٿي.جرمن چانسلر اولاف شولز ۽ برطانوي ڪيئر اسٽارمر سميت يورپ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي يورپ ۾ ايولون مسڪ خلاف شديد ڪاوڙ موجود آهي.
ايلون مسڪ پاران جرمني جي کاٻي ڌر جي پارٽي اي ايف ڊي جي حمايت جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن