ڪراچي – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته درست حڪمت عملي ۽ اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ امن ام??ن جي صورتحال تمام گهڻي بهتر ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي پاڪستان ۾ سمورن مذهبن ۽ هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو پوري آزادي سان پنهنجا مذهبي فرض ادا ڪري رهي?? آهن. هن اها ڳالهه بوهري برادري جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين سان ڳالهائيندي چئي جنهن پنهنجي وفد سان گڏ اسٽيٽ گيسٽ ه??ئوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ملڪ ۾ امن ام??ن جي بحالي لاءِ سنڌ ??مي?? سمورن صوبن اهم ڪردار ادا ڪيو ج??ڪو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي سلسلي ۾ نهايت اهم اڳڀرائي آهي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2