واشنگٽن- 08 جون (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي ايوان نمائندگان ج?? ميمبر پاڪستاني ڄائي آمريڪي قانوساز سلمان ڀوجاني آمريڪا ۾ پاڪستان جي س??ير مسعود خان سان ملاقات ڪئي ۽ کيس رياست ۾ مسلم ڪميونٽيز ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ ٽيڪساس وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي پنهنجي ڪوششن ج?? باري ۾ آگاهه ڪيو. واشنگٽن ۾ پاڪستاني س??ارتخاني طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب سلمان ڀوجاني س??ير کي ٻڌايو ته هو ٽيڪساس ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ٻين مسلم ڪميونٽي کي پنهنجو تڪ سمجهي ٿو ۽ انهن وچ ۾ محبت ۽ همدردي کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستاني س??ير مسعود خان کيس ايوان نمائندگان ج?? ميمبر م??رر ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته ٽيڪساس ۽ پاڪساتن ج?? صوبي ۾ معاهدي سان واپار ۽ واپار جي موجوده صلاحيت کي ڪتب آڻڻ ۽ عوامي سطح تي وفدن ج?? مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي، تيل ۽ گئس ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون مضبوط ڪاروباري رابطا قائم ڪرڻ ۽ اسان ج?? ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ جي هڪ ٺوس بنياد فراهم ڪئي آهي. هن آمريڪا ۾ رياستي ۽ وفاقي سطح تي پاڪستاني ڄاون آمريڪي پارليامينٽريز جي وڌندڙ تعداد تي اطمينان ج?? اظهار ڪندي چيو ته چونڊيل نمائندا پاڪستاني آمريڪين ج?? پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هو پاڪستاني شاگردن کي آمريڪا جي دوري ۽ جديد شعبن ۾ آمريڪي مهارت سکڻ ۾ به سهولت فراهم ڪري سگهن ٿا. هن پاڪستان ۽ ٽيڪساس وچ ۾ واپار، توانائي، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽيڪساس اسيمبلي ۾ يوم پاڪستان ج?? موقعي تي قرارداد کي ڪاميابي سان پيش ڪرڻ تي س??مان ڀوجاڻي جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستاني ڄائي آمريڪي قانونساز سلمان ڀوجاني چيو ته هو پاڪستان ۽ ٽيڪساس وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قانونسازن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيٽوز، چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن تي ٻڌل هڪ وفد وٺي پاڪستان ويندو.
ٽيڪساس ۽ پاڪستان جي صوبي وچ ۾ معاهدي سان واپار ۽ عوامي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي: پاڪستاني سفير مسعود خان
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا