گڏيل قومون -20 فيبروري (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته دوحه ۾ ٻن ڏينهن جي اجلاس کا??پوءِ عالمي نمائندن جو افغانستان بابت ڪجهه اهم معاملن تي اتفاق ٿي ويو آهي . سي جي ٽي اين موجب هن اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ?? چيو ته اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا اسان جي خواهش آهي ته هو هڪ خودمختيار رياست جي واعدن ۽ عالمي ذميوارين کي نڀائڻ جي قابل ٿين. هن چيو ته افغانستان جي حڪومت کي عالمي طور تي تسليم نٿو ڪيو وڃي ۽ گهڻن پهلوئن کا?? عالمي ادارن ۽ عالمي معيشت ۾ ضم نٿو ڪري سگهجي. ٻئي پاسي عالمي سطح تي افغانستان ۾ انساني حقن خاص طور تي عورتن ۽ نياڻين لاءِ بگڙجندڙ حالتن جو تاثر عام آهي. هن چيو ته عالمي برادري ۽ افغانستان جي اختيارين جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. انتونيو گوتريش جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ?? چين، روس ۽ آمريڪا سميت 20 کا?? به وڌيڪ ملڪن ۽ عالمي تنظيمن ??ي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ افغان اختيارين شرڪت نه ڪئي. گڏيل قومن جي سربراهه موجب افغان اختيارين پاران اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جيڪي شرط رکيا ويا هيا اهي قبول ڪرڻ جوڳا نه هئا.
افغان اختيارين جي غير موجودگي باوجود افغانستان جي مسئلي تي اتفاق راءِ ٿي ويو: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج