انقره -18 مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته فلسطيني علائقن ۾ هڪ وڏو انساني الميو اڀري رهيو آهي. ٽي آر ٽي مطابق استنبول ۾ نار ڪانگريس سينٽر ۾ افطار پروگرام کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر چيو ت?? رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو هڪ تڪليف ڏيندڙ دور مان گذري رهيو آهي جڏهن تڪرار، انساني الميه ۽ بحران عروج تي آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ت?? جڏهن اسان پنهنجي پيا??ن، خاندان وارن ۽ رشتيدارن سان گڏ افطار جون خوشيون ورهائي ??هيا آهيون تڏهن غزه ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ هڪ وڏو انساني الميو آهي جنهن لاءِ لفظ ناڪافي آهن. هن چيو ت?? انسانيت لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ شرمناڪ ڏينهن جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون، جتي گرم کاڌا يا صاف پاڻي جو هڪ ??لاس ملڻ به عيش و عشرت کان گهٽ ناهي. هن چيو ت?? اسان جي دلين جي مختلف ڪنڊن ۾ اسان جا ڀائر، خاص طور يمن، شام، سوڊان، ترڪستان ۽ افغانستان ۾، هنن مقدس ڏينهن ۾ واقعي سخت امتحانن مان گذري رهيا آهن. هن چيو ت?? اسان ان دور مان گذري رهيا آهيون جڏهن مظلومن لاءِ انصاف، امن ۽ يڪجهتي جي ضرورت پهرين کان وڌيڪ آهي. هن چيو ت?? رمضان المبارڪ جي آمد سان ئي ??رڪ قوم غزه ۽ ٻين مظلوم علائقن لاءِ پنهنجي امداد ۾ اضافو ڪيو آهي.
فلسطيني علائقن ۾ وڏو انساني الميو اڀري رهيو آهي: ترڪيه
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار