بيجنگ-24 جولاءِ (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ موسمياتي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون ۾ اضافي جي حوالي سان چيني موسميات جا ماهر ڪلائوڊ بيسڊ ارلي و??رننگ سسٽم (سي اي ڊبليو ايس) لڳ??ئڻ ۽ ڪميشننگ تي تعاون لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندا. گوادر پرو موجب موسمياتي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ ڪلائوڊ بيسڊ ارلي و??رننگ سسٽم (سي اي ڊبليو ايس) لاڳو ڪرڻ بابت تربيتي و??ڪشاپ چين جي شهر بيجنگ ۾ منعقد ٿيو. گوادر پرو موجب 7 ڏينهن واري و??ڪشاپ ۾ موسميات کاتي (پي ايم ڊي) جا 20 آفيسر ۽ م??هر تربيت ۽ م??لومات جي مٽاسٽا لاءِ گڏ ٿيا. ورڪشاپ جي پڄاڻي کانپوءِ چين جي موسميات جي ماهرن سي اي ڊبليو ايس سسٽم لڳ??ئڻ ۽ ڪميشننگ تي مقامي هم منصبن سان تعاون لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندا. گوادر پرو موجب سي اي ڊبليو ايس ٽريننگ چائنا ميٽرو لوجيڪل ايڊمنسٽريشن (سي ايم اي) ۽ چين جي ماحوليات واري و??ارت (ايم اي اي) وچ ۾ هڪ گڏيل ڪوشش آهي. افتتاحي تقريب ۾ سي ايم اي جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر ڊاڪٽر ڪاوزيا زونگ ۽ بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي قونصلر خان محمد وزير شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر ڪاوزيا مستقبل ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي اميد جو اظهار ڪيو جنهن سان انوائرمينٽل سائنس جي ترقي ۽ گڏيل قومن جي يونيورسل ارلي و??رننگ انيشيئيٽو تي عملدرآمد ۾ مدد ملندي. گوادر پرو موجب ??ورس ۾ پاڪستان لاءِ ڪلائوڊ بيسڊ ارلي و??رننگ سسٽم کي مقامي طور تي لاڳو ڪرڻ بابت مختلف موضوعن جو احاطو ڪيو ويو. سي ايم اي ۽ پي ايم ڊي طرفان گڏيل طور تي تيار ڪيل ان نظام ۾ شديد موسمي نگراني ۽ اڳڪٿي، آبهوا جي ڪاٿي، موسمياتي سيٽلائيٽ نگراني، رمورٽ سينسنگ ۽ موسمياتي مشاهدي جي سهولت لڳ??ئڻ ۽ سارسنڀال لاءِ ٽيڪنالاجيز شامل آهن. شرڪت ڪندڙن سائيٽ تي ليڪچرز، عملي مشقن ۽ انٽر ايڪٽو مباحثن ۾ مشغول رهيا، قدرتي آفتن جي روڪٿام، وقت کان اڳ ڄاڻ ڏيڻ ۽ م??موعي طور تي آبهوا جي لچڪ کي وڌ??ئڻ ۾ تجربن جو اشتراڪ ڪيو.
چين ۽ پاڪستان وچ ۾ موسمياتي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون ۾ اضافو، چيني موسميات جا ماهر ڪلائوڊ بيسڊ ارلي وارننگ سسٽم لڳائڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندا
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار