واشنگٽن -29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته هو اسرائيل جي قبضي هيٺ گولان جي جبلن ۾ راڪيٽ حملي ۾ شهرين جي فوتگي ک??ن پوءِ اسرائيل ۽ لبنان جي سرحد تي ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي مسئلي جي سفارتي حل تي ڪم ڪري رهيو آهي. وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان ايڊرين واٽسن پنهنجي بيان ۾ ان حملي لاءِ حزب الله کي ذميوار قرار ڏنو آهي، جڏهن ته حزب الله الزام کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي ترجمان چيو ته وائيٽ هائوس مجدل شمس تي راڪيٽ حملي کان پوءِ اسرائيلي ۽ لبناني اختيارين ??ان مسلسل رابطي ۾ آهي ڇو ته ان واقعي جي نتيجي ۾ جنگ جو دائرو پکڙجڻ جا ??دشا پيدا ٿي ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو