برسلز _ 14 نومبر (اي پي ??ي ) آمريڪي پرڏي??ي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ عسڪريت پسندن کي ختم ڪرڻ جو پنهنجو مقصد حاصل ڪري ورتو آهي هاڻي هو جنگ سٽيل غزه جي شهرين کي پنهنجي علائقن ڏانهن واپس وڃڻ جي اجازت ڏي. پرڏيهي ميڊيا مو??ب برسلز ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ۾ هن چيو ته اسرائيل اهو معيار پاڻ طئي ڪيو هو ۽ هاڻي هو پنهنجي اسٽريٽجڪ هدف کي پورو ڪري چڪو آهي . هن چيو ته غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ جو وقت آهي ڇو ته اها ويڙهه هاڻي وچ اوڀر جي ٻين حصن ۾ پکڙجي رهي آهي . هن ??و چوڻ هو ته جنگ کي ختم ڪرڻ ئي غزه جي سويلين آبادي کي هنگامي بنيادن تي گهربل امداد جي فراهمي جو سڀ کان مو??ر ذريعو هوندو . ان لاءِ غزه ۾ ڊگ??ي وقت تي ٻڌل حقيقي جنگ بندي ڪئي وڃي . هن چيو ته اها اسرائيل جي ذميواري آهي ته هو غزه ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري ڪري . هن ??زه ۾ جاري انساني بحران کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ مو??ر ڪوششن تي زور ڀريو. آمريڪي پرڏي??ي وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته غزه ۾ ڪيتريون ئي امدادي ٽرڪون ڦُرلُٽ ۽ ٻين ڏوهن ??بب امدادي سامان ورهائي ناهن ??گهيون، اهو ضروري آهي ته ان صورتحال تي ڌيان ڏنو وڃي.
اسرائيل عسڪريت پسندن جي خاتمي جو هدف حاصل ڪري ورتو، هاڻي غزه ۾ جنگ بند ڪري: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی