اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قو??ي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه تحريڪ انصاف پارليامينٽ جي چونڊ سڌارن واري ڪميٽي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري، رستن تي نعرا هڻڻ بدران پارليامينٽ ۾ ڪم ڪ??ي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ ڪيس ۾ تلاشي ۽ جواب ڏيڻ بدران اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪري ٿي. هن پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته پاڪستان جا رياستي ۽ آئيني ادارا مستحڪم ٿي رهيا آهن ۽ توهان پاران انهن ادارن جي توهين انهن جي استحڪام تي اثرانداز نه ٿي ٿي سگهي، عمران خان ڪ??هن ته اهڙو قدم کڻي جيڪو پاڪستان ۽ پاڪستان جي ماڻهن لاءِ بهتر هجي.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ