ڪوئيٽا – 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي عوام جا مسئلا ا??هن جي درن تي حل ڪرڻ جي لاءِ مقامي حڪومت?? جو هڪ مضبوط نظام لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي پراڻي نظام مان ڪڍي حقيقي تبديلي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، ايندڙ چونڊن جي لاءِ نه پر ملڪ جي ترقي جي ايجنڊا تي عمل ڪ??ي رهيا آهيون، ملڪ ۾ اهڙي ترقي چاهيون ٿا ج??هن سان سڄو پاڪستان ترقي ڪري، بلوچستان جي ترقي سان پورو ملڪ ترقي ڪندو، پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اولهندي رستي کي تيزي سان ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان جي عوام جي لاءِ پاڪ فوج ۽ صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪينسر انسٽيٽيوٽ ٺاهينداسين، ڪوئيٽا جي پائيدار ترقي جي لاءِ ماسٽر پلان ضروري آهي. هو سي پيڪ اولهندي رستي جي لاءِ 305 ڪلوميٽر ڪوئيٽ زوب ڊبل ڪيرج وي ۽ بلوچستان هيلٿ ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪ??ي رهيو هو.
ملڪ کي پراڻي نظام مان ڪڍي حقيقي تبديلي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن