اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر قوم کي اپيل ڪئي ??هي ته ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ??ها انهي ذميواري ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪري جهڙو هن شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيو، پاڪستاني قوم ڪيترن ئي هفتن تائين بهترين ڊسپلين جو مظاهرو ڪيو پر عيد کان اڳ شاپنگ ۽ بعد ۾ عيد تي ڊسپلين نه ڏٺو ويو، جيڪي ماڻهو ايس او پيز تي عمل نه ڪري رهيا آهن اهي پنهنجي زندگين سان گڏوگڏ ٻين جي زندگين کي به خطري ۾ وجهي رهيا آهن، وبا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ??اقتور هٿيار حفاظتي تدبيرون آهن، اسان سڀني جي مجموعي ذميواري ??هي ۽ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ٻڌل ڳالهيون نه پکيڙين، ??نا تصديق جي ڪا به ڳالهه اڳتي نه پهچائين، حڪومت جي اڄ به ڪورونا جي ڦهلاءُ ۾ گهٽٽائي اولين ترجيح ??هي پر مهينن ۽ سالن جي لاءِ قومن کي بند ??ه ٿو ڪري سگهجي، صحت جو نظام وڌائي رهيا آهيون، طبي عملي کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي، 27 مارچ کان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪم شروع ڪيو اڄ تائين هڪ ڏينهن به ناهي رُڪيو، دنيا ۾ عالمي ادارن به پاڪستان ۾ رليف ڪوششن کي ساراهيو، ڪوورنا وبا ۾ ڊاڪٽرن کانپوءِ ??يڪڏهن ڪنهن جو ڪم مشڪل ??هي ته اهو پوليس جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اين سي او سي جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ ??حافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
قوم انهي ذميواري ۽ نظم ۽ ضبط جو مظاهرو ڪري جهڙو هن شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيو: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ