اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پمز اسپتال اسلام آباد جو غير اعلانيه دورو ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به گڏ هو، وزيراعظم اسپتال جي نئين ??يمرجنسي بلاڪ جو معائنو ڪيو، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان اسپتال جي نئين ??يمرجنسي بلاڪ ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صحت واري خصوصي صلاحڪار وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن لاءِ مخصوص طري??يڪ??ر جوڙيو ويو آهي، خصوصي صلاحڪار ٻڌايو ته ايمرجنسي مريض کي فوري طور تي ابتدائي طبي امداد جي فراهمي کانپوءِ ان جي حالت موجب ان کي اسپتال جي لاڳاپيل حصي ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. ان طري??يڪ??ر سان ايمرجنسي مريض ۽ اسپتال ۾ پ??رين کا?? موجود مريضن کي جتي ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۾ مدد م??ندي آهي اتي مريض کي مرض موجب لاڳاپيل شعبي ۾ منتقلي جو عمل به آسان ٿيندو آهي.
وزيراعظم عمران خان پاران پمز اسپتال اسلام آباد جو دورو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ