اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ سکر جو دورو ڪندو جنهن ۾ اربين روپين جي ميگا تر??ياتي منصوبن جو اعلان ڪيو ويندو، وزيراعظم جي ترجيحي ضلعن ۾ بدين، لاڙڪاڻو، ٽنڊو ال??يار سميت 14 ضلعا شامل آهن، وزيراعظم جي نوجوان پروگرام تحت هڪ هزار نوجوان 4.8 ارب جو قرض حاصل ڪري سگهندا،ڊجيٽل اسڪل ٽريننگ پروگرام تحت هڪ لک 4 هزار 617 شاگردن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته 52 سيڪڙو جي اعليٰ تعليم تائين پهچ ممڪن ٿيندي، هڪ لک 30 هزار نوجوانن سميت 35 هزار شاگردياڻين کي راندين جي سهولت دستياب ٿيندي.نادرا ، اين آر سيز وسيلي 50 لک مقامي ماڻهو لاڀ پرائيندا. تفصيلن موجب وزيراعظم عمران خان اڄ سکر ۾ دوري دوران سنڌ جي 14 ترجيحي ضلعن جي لاءِ 446 ارب جي ميگا تر??ياتي منصوبي جو اعلان ڪندو ان موقعي تي وزيراعظم سنڌ ۾ جاري وفاقي تر??ياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو به جائزو وٺندو، ميگاترقياتي پيڪيج جو محور سنڌ جا پٺتي پيل علائقا ۽ معاشري جا محروم طبقا آهن.انهن ضلعن ۾ بدين، حيد??آب??د، لاڙڪاڻو، ٽنڊو ال??يار، دادو، جيڪب آباد، خيرپور، ميرپورخاص، ??وش??روفيروز، سانگهڙ، شڪارپور، سکر، ٽنڊو محمد خان، شامل آهن. تر??ياتي منصوبن تحت 306 ڪلوميٽر سکر – حيد??آب??د موٽر وي مان سڄي ملڪ جا مسافر لاڀ پرائي سگهندا. ريلوي اسٽيشنون اپ گريڊ ٿينديون، نجي سيڙپڪاري ايندي ۽ مسافرن کي سهولتون ملنديون. توانائي جي منصوبن سان بجلي چوري ۽ خسارن ۾ گهٽتائي ايندي. 30 هزار ساليانا نوان ڪنيڪشن ڏنا ڏيندا ۽ ايندڙ ٽن سالن ۾ 26 ارب تائين جي اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو. 1490 ڪلوميٽر انفرااسٽرڪچر جي بحالي سان گئس جي بنا رنڊڪ فراهمي ممڪن ٿيندي.160 ڳوٺن کي گئس فراهم ڪئي ويندي، جنهن مان 5074 گهراڻا لاڀ پرائيندا.
وزيراعظم عمران خان اڄ سکر جي دوري دوران اربين روپين جي ميگا ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪندو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت